پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور

پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور: خيرپور جي ’پوپٽ پبلشنگ هائوس‘، سنڌ ٻالڪ سنگت خيرپور جي فورم تان قربان منگي هلائي رهيو آهي، جنهن پبليڪيشن جو باني پڻ خود آهي. هيءُ پبليڪيشن نوي جي ڏهاڪي ۾ وجود ۾ آئي، جنهن پاران مختلف شاعرن، ليکڪن جا ڪتاب، ڪئلينڊر ڇپائڻ جو سلسلو جاري آهي. هن پبليڪيشن پاران هن وقت تائين ارڙهن کان وڌيڪ ڪتاب ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو